شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي م??قعي تي م??اقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪستان جي لاءِ وڏي پئماني تي ت??اون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳال??ه کي ورجايو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي م??سمياتي ت??ديلي ج?? ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماحولياتي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪستان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي ت??اون جي ضرورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي م??ظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران پاڪستان کي ت??ويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ هڪ وقت سر موقعو آهي ته اها ماحولياتي ت??ديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي م??هن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪستان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حي??يت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي ت??ويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي م??اقات کانپوءِ ”پاڪستان پويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ