اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي، ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ پاڪستان تحريڪ انصاف تي عوامي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم ??يو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قوم?? سطح تي ملڪ جي واحد گراس روٽ ليول جي پارٽي آهي، پئسن سان عوامي ميڙ نه ٿا ڀرجي سگهجن، جڏهن قوم ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ نڪري ٿي ته عوامي ميڙ امر بالمعروف جهڙا هوندا آهن. وزيراعظم ??يو ته توهان سڀني ۾ اهي چهرا نظر اچي رهيا آهن جن پارٽي ۾ ورڪر طور شموليت اختيار ڪئي ۽ اڄ ايوان?? ۾ ??نهنجي تڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، جڏهن حڪمرانن جي نيت صاف هجي ته ڀلي ڪيتري ئي وڏي اندروني يا ٻاهرئين سازش هجي ناڪام ٿئي ٿي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ??اڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ حقوق مارچ ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙ امر بالمعروف جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، ڪامياب ??رڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ﷺ ۽ اسلامو فوبيا جي لاءِ وزيراعظم جي عالم?? سطح تي ڪوششن ۽ گڏيل قوم?? ۾ ??رارداد جي منظوري تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم ??ونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن کي سنڌ ۾ پارٽي تنظيم کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ضلع?? سطح تي پارٽي کي ??ڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو