اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مرض بابت مڪمل آگ??هي ۽ وقت سر علاج سان قيمتي انساني جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگ??هي مهم بابت اجلاس جي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صحت وارن صوبائي وزيرن، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جي نمائندي، بلوچستان ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽرين ۽ پمز ۽ شفا انٽرنيشنل ا??پت??ل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تعليم ۽ آگ??هي جي گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح اٽڪل 50 سيڪڙو آهي جيڪا ڪافي ڳڻتي جوڳي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتون ڊاڪٽرن کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان عورت ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ باقاعده سيشن منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن ان مرض بابت آگ??هي پيدا ٿئي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي رجسٽري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن حڪومت بيماري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مناسب قدم کڻي سگهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته م??ڪ جي عورتن کي غذائيت ??ي کوٽ سميت ??حت جا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرن جي ضرورت آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگ??هي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊي?? جي ڪردار کي ساراهيندي صدر اميد ظاهر ڪئي ته هن سال به م??ڊيا اهڙي طرح جو فعال ڪردار ادا ڪندي ته جيئن ماڻهن کي ان بيماري بابت مڪمل طور تي آگ??هه ڪري سگهجي. صوبائي حڪومتن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ علاج جي لاءِ پنهنجي صوبن ۾ دستياب سهولتن بابت صدر کي آگ??هه ڪيو. اجلاس ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ صحت ۽ نگهداشت جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون.
ڇاتيءَ جي ڪينسر، ان جي جلد تشخيص ۽ علاج بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج