اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊ لاڪ جو تاثر درست نه آهي، وزيراعظم آئين موجب مخالف ڌر اڳواڻ کان ان معاملي تي راءِ وٺندو، هڪ مضبوط اليڪشن ڪميشن جنهن تي سمورين پارٽين جو اعتماد هجي، ??اڪ??تان جي مفاد ۾ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي جدوجهد شفاف نظام لاءِ آهي، چونڊ سڌارا ۽ نيب قانونن تي به حڪومت کلي دل سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسان چاهيو?? ٿا ته وڏن معاملن تي پارليامينٽ ۾ ات??اق راءِ پيدا ٿئي، سياسي نظام جو استحڪام آئين جي احترام ۾ لڪل آهي ۽ چونڊن، احتساب ۽ قومي سلامتي تي ات??اق راءِ سياسي نظام کي استحڪام ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔