اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ م??لي سال جي ترقياتي بجيٽ 2100 ارب روپيا ڪرڻ ۽ واڌ جي شرح جو هدف 4.6 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير ۽ ٻيا اين اي سي ميمبرن شرڪت ٿيا. اجلاس ۾ م??لي سال 22- 2021ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، ??يندڙ م??لي سال لاءِ واڌ جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، ??يندڙ م??لي سال ۾ زراعت ۾ اضافي جو هدف 3.5 سيڪڙو، انڊسٽريل سيڪٽر 6.5 سيڪڙو، جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 4.8 سيڪڙو هوندو، منصوبابندي واري وزارت پاران م??لي سال 22 -2021ع جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام پيش ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ م??لي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ نظرثاني ڪاٿن موجب 1527 ارب روپيا رهندو، م??لي سال 22 -2021ع جو ترقياتي بجيٽ 2100 ارب روپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پي ايس ڊي پي جو ماپو 900 ارب روپيا هوندو، ان مان 244 ارب ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن، 118 ارب روپيا توانائي، 91 ارب روپيا آبي وسيلا، 113 ارب روپيا سوشل سيڪٽر، 100 ارب روپيا علائقائي برابري، 31 ارب روپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر، 68 ارب روپيا ايس ڊي جيز جڏهن ته 17 ارب روپيا پروڊڪشن سيڪٽر تي خرچ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي،ا جلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي جو محور انفراسٽرڪچر جي بهتري، ??بي وسيلن جي ڊولپمينٽ، سوشل سيڪٽر جي بهتري، ??لائقائي برابري، ??سڪل ڊولپمينٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو فروغ ۽ ماحوليات جي حو??لي سا?? قدمن هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي ۾ حڪومتي پاليسي موجب انهن علائقن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو جيڪي پوئتي رهجي ويون آهن، ان ڏس ۾ ڏکڻ بلوچستان، سنڌ جا ڪجهه ضلعا، گلگت بلتستان لاءِ مناسب فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ به فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ضم ٿيل علائقن لاءِ 54 ارب روپين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن،
وزيراعظم جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار