اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مدت جي دوران توانائي، صحت، تعليم، معيشت سميت هر شعبي ۾ درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ متوازن گائيڊ لائينون تيار ڪ??ي ورتيون آهن جيڪي نئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪيون وينديون. هو لوڪ ورثا ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي ذيلي اداري ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ??يڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائ?? رهيو هو، ڊي جي ڊيمپ سردار عبدالواحد، ڊي جي لوڪ ورثه سميت اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جا عملدار به تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ??يڊيا اينڊ پبليڪيشنز طرفان پاڪستان تاريخ جي حوالي سان تاريخي نمائش جي انعقاد کي ساراهيندي چيو ته هڪ تاريخي نمائش جو انعقاد ڪيو ويو آهي هي نمائس ڇهه ڏينهن تائين جار?? رهندي.
درپيش چئلينجز ۽ انهن جي حل لاءِ گائيڊ لائين تيار ڪري ورتي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات