اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ميدان ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خابرو ادارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ لاءِ اڄ آ??ر ڏينهن هتي شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس آف نيوز ايجنسيز (آءِ سي اين اي) جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. قومي خابرو اداري اي??وس??ئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ 13 ۽ 14 مئي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا وفد وفاقي گادي واري شهر پهچي ويا آهن. ڪانفرنس جي افتتاحي ويهڪ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اعزازي مهمان ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه خصوصي مهمان هوندو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر