دوشنبي – 19 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان گڏيل واپار کي 50 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ، فضائي سروس جي بحالي ۽ ڪاسا 1000 منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته ان وچن کي پڻ ورجايو ويو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. اهو اتفاق راءِ صدر ممن??ن حسين ۽ تاجڪ ??در امام علي رحمانوف جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪ??و ويو. ملاقات کانپوءِ تاجڪ ??در امام علي رحمانوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر ممن??ن حسين تاجڪستان جي دوري جي دعوت تي تاجڪ ??در جا ٿورا مڃيندي تاجڪستان جي صدر، سندس حڪومت ۽ عوام کي عالمي ڪ??نفرنس منعقد ڪرڻ تي دل جي گهرائي سان مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل