بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چ??ن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چ??ن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يق??ن رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چ??ن روس لا????پن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لا????پن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چ??ن روس لا????پن جي لا??يتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا