جده- 06 اپريل (اي پي پي) والاريل ??يت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي پوليس جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ ع??ب ليگ جو هن??امي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت ڪئي وئي. سعودي خابرو اداري مطابق اردن، مصر ۽ فلسطيني عملدارن سان گڏجي تنظيم جو هن??امي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي. اردن جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ??رب ليگ طرفان اسرائيلي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اها عالمي انساني قانوني جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ??هڙي طرح جي ڪارروائين جو مقصد والاريل ??يت المقدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري مطابق عرب ليگ والاريل ??يت المقدس ۾ مسجد القصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پر تشدد ڪارروائين سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. عرب ليگ جاري بيان ۾ مسجد الاقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين خلارف اسرائيلي فوج جي ڪارروائين کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ??بح سوير مسجد تي حملي سان تشدد جي لهر اٿڻ جو خطرو آهي جنهن سان خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ان کان اڳ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل حمد ابولغيث بيان ۾ مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته ??سرائيلي حڪومت جي پاليسي کي ڪنٽرول ڪندڙ انتهاپسنداڻي نقطه نظر کي نه روڪيو ويو ته ??هو فلسطينين سان وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجندو. هوڏانهن نار سهڪار ڪائونسل پڻ اسرائيلي فورسز جي مسلمانن جي قبله اول تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ترڪيه مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۽ ان جي اندر ٿيل چڪرين جي مذمت ڪندي ان کي ”نا قابل قبول“ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي مسجد جي تقدس جي پامالي آهي. ترڪيه پرڏيهي وزير مولود چاوش اوغلو برسلز ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي چيو ته ??سان انهن حملن جي مذمت ڪيون ٿا.
عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ