مظفر آباد – 04 – آگسٽ (??ي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس جي سڏ تي ??ڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ??ئيني ترميم ذريعي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي ??يثيت ختم ڪرڻ جي قدمن جي خلاف اڄ 5 آگسٽ تي ??ياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻنهي طرفن جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير ميڊيا سان ڳ??له??ئيندي چيو ته گادي واري شهر مظفر آباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير ۽ پاسبان حريت جي گڏيل سهڪار سان مرڪزي پريس ڪلب آڏو آزادي چوڪ کان گڏيل قومن جي مشن آفيس تائين پيادل مارچ ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي نالي ڀارتي ??لمن ۽ معصوم ڪشميرين جي قتلام، دنيا جي ڊگهي ترين لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو جي لاڳو ه??ڻ تي احتجاجي ميمورنڊم پيش ڪندي. ريلي جي قيادت آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، پاسبان حريت جو چيئرمين عزيز احمد غزالي، پيپلزپارٽي جو مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شوڪت جاويد مير، وائيس چيئرمين مشتاق السلام ڪندا. پارٽي صدر چوڌري محمد ياسين، سيڪريٽري جنرل فيصل ممتاز راٺوڙ، آزاد ڪشمير، پناهگيرن ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ قائم تنظيمن کي ڀرپور احتجاجي ريليون ڪڍڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اڄ جمعي ڏينهن آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي چئني صوبن سميت سڄي دنيا ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد