اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گذريل ڇهن هفتن کان آئ??ن سان جيڪو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئ??ني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاقي ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي م??اخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئ??ني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئ??ني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ بجلي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اعظم نذير تارڙ چيو ته گذريل ڇهن ستن هفتن کان پاڪستان جي آئ??ن سان ڪجهه آئ??ني عهديدار جهڙي طرح جو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان تي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن بي م??ال فيصلا جاري ڪيا، حڪومتون تبديليون ٿينديون رهنديون آهن پر اهڙي صورتحال ڪڏهن پيدا ناهي ٿي، بدقسمتي سان هن ڀيري هڪ روش اختيار ڪئي وئي آهي ته هر شيءَ قانون ۽ آئ??ن کان هٽي ڪري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اڄ ڪابينا پنجاب جي گورنر جي م??املي تي تفصيلي غور ڪيو، ڪابينا ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ (ف)، ايم ڪيوا يم، بي اين پي، اي اين پي، مسلم ليگ (ن) سميت سمورين پارٽين ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ڪابينا ان ڳالهه تي خدشن جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جي آئ??ني اي??وائيس جيڪا آرٽيڪل 101 ۽ آرٽيڪل 48 جي تابع آهي، صدر ان تي عمل نه ڪيو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما کي هٽائڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي موڪليل اي??وائيس جي توثيق ڪئي ۽ ان جي منظوري ڏني ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آئ??ن تحت حاڪميت الله تعاليٰ جي آهي ۽ رياست پاڪستان جا حڪومتي ۽ رياستي م??املا عوام جي چونڊيل نمائندن کي وزيراعظم ۽ ڪابينا تحت استعمال ڪرڻا هوندا آهن. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي م??اخلت يا اختيارن جو جهڪاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ ڪو آئ??ني عهديدار پنهنجي حدن کان تجاوز نه ڪري، ملڪ کي ڪنهن آئ??ني بحران طرف ڄاڻي واڻي ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪابينا ۾ اهو به طئي ٿيو ته ان معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ به بحث ڪيو ويندو ۽ سموريون پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ جو اظهار به ڪنديون، ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ هڪ قرارداد پڻ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي فيصلن جي پاڪستان جي آئ??ن تحت نه رڳو توثيق ڪئي پر پنجاب ۽ مرڪز ۾ خاص طور تي پنجاب جي گورنر ۽ صدر جهڙي طرح آئ??ن جي حوالي سان پنهنجي اختيارن جو نه رڳو ناجائز استعمال ڪيو پر آئ??ن شڪني جا مرتڪب ٿيا ان جي لاءِ به پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اڳتي جي حڪمت عملي تي م??اورت جاري آهي، ان جي لاءِ قانوني ۽ سياسي م??اورتي عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي.
گذريل ڇهن هفتن کان آئين سان جيڪو مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل