اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي آه?? ته اها 88 هزار هائوسنگ يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن وڌيڪ نوان منصوبا شروع ڪري عوام کي آساني سان پنهنجو گهر ملي سگهي، ڪورونا جي دوران تعميراتي شعبو بند نه ڪرڻ سان 30 کان وڌيڪ صنعتن کي فائدو ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي معاشي واڌويجهه 5.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي، حڪومتي قدمن سان ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي فصلن جي رڪارڊ قيمت ملي. هو پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي آفيسرز ريزيڊنشيا ۽ پي ايڇ اي اپارٽمينتس آئي – 16 ٿري اسلام آباد جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو ??و. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ گهرن جي تمام گهڻي کوٽ آه?? جنهن جو بنيادي سبب اهو آه?? ته پاڪستان ۾ بئنڪون ماضي ۾ گهرن جي لاءِ قرض نه ڏينديون هيون، ان جو هڪ سبب فور ڪلوزر لاء هو، جنهن وٽ ڪيش نه آه?? ته اهو گهر خريد نه ڪري سگهندو هو، ان وٽ بئنڪ کانسواءِ ٻيو ڪو ذريعو نه هو، اسان اڍائي سالن جي محنت سان فور ڪلوزر لاء عدالتن مان پاس ڪرايو، پوءِ بئنڪ سان گڏ ويهي انهن کي عام ماڻهن کي قرض جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي عملي جي تربيت جو چيو، هاڻي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 124 ارب رپين جي قرض جي لاءِ بئنڪ کي 8 مهينن ۾ درخواستون مليون آه?? جن مان 40 ارب رپيا ڏنا ويا آه??، حڪومت گهٽ آمدني واري طبقي جي لاءِ ان قرض تي رعايتون ڏئي رهي آه??، پگهاردار طبقو هاڻي ڪرائي بدران قسطون ڏئي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان بئنڪن سان گڏجي آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آه??، يورپ سميت دنيا جي ترقياتي ملڪن ۾ مارگيج 80 سيڪڙو آه?? جڏهن ته اسان وٽ هو 2 سيڪڙو کان به گهٽ هو. وزيراعظم چيو ته هائوسنگ واري وزارت پاران اپارٽمينٽس جي تعمير جو بهتر قدم کنيو ??يو آه??، 88 هزار يونٽس هن وقت ٺهي رهيا اهن جن مان اڪثر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته تعميرات جو شعبو اهڙي صنعت آه?? جيڪو سڄي ملڪ جي صنعتن کي اٿاري ٿو، 30 صنعتون سڌوسنئون ان سان واڳيل آه??، معيشت کي سڀ کان وڌيڪ مٿي اٿاريندڙ شعبو تعميرات جو آه??، ڪروونا ۾ تعميرات جي شعبي کي بند نه ڪرڻ سان ملڪ ۾ سيمنٽ ۽ سريي جو رڪارڊ وڪرو ٿيو، ان جون قيمتون ڪورونا جي ڪري وڌڻ جي باوجود تعميراتي شعبو مٿي وڃي رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي دور ۾ تيزي سان معيشت اڳتي وڌي رهي آه??، واڌويجهه جي شرح 4.37 سيڪڙو تي آه??. وزيراعظم چيو ته مهانگائي سان پگهاردار طبقو مشڪل ۾ ضرور آه?? پر پورهيت جي پگه??ر ۾ 40 کان 60 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو، ڳوٺاڻن آبادگارن کي انهن جي فصل جي رڪارڊ قيمت ملي، ڪورونا جي باوجود ورلڊ بئنڪ جا 4 اشار??ه غربت جي گهٽتائي جي نشاندهي ڪري رهيا آه??. هن چيو ته اسان مشڪل هالتن ۾ به پنهنجي تعميراتي شعبي کي بند ٿيڻ نه ڏنو، ڳوٺاڻن علائقن ۾ آبادگارن جي مدد ڪئي، برآمدي صنعت جي مدد ڪئي جنهن سان روانگي واپار رڪارڊ ٿيو، مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل صحيح رخ ي هلي پيو آه??، بلومبرگ ايندڙ 10 سالن جي لاءِ پاڪستان جي معيشت کي صحيح رستي تي قرار ڏنو آه??، ان سان معاشي حالتون بهتر ٿينديون وينديون. وزيراعظم چيو ته ڪري روڊ جو منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ??يو، ان کانسواءِ آئي اليون ۾ 1550 اپارٽمينٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. هن هائوسنگ واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها 88 هزار يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي ته جيئن نوان منصوبا شروع ڪري ماڻهن کي پنهنجو گهر آساني سان وٺڻ ۾ مدد ملي سگهي. واضح رهي ته پاڪستان هائوسنگ اٿارتي آفيسرز ريزيڊنشيا جو بنياد 2008ع ۾ رکيو ??و جڏهن ته 2016ع تائين ان منصوبي تي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي، 2017ع ۾ اهو منصوبو سستي جو شڪار ٿيو، موجوده حڪومت جي اچڻ کانپوءِ ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ??يو.
هائوسنگ واري وزارت 88 هزار هائوسنگ يونٽس کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números quina hoje