اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ناڪامي کان ڊڄندڙ ڪڏهن به فتح ناهن ماڻيندا، نوجوا?? اسان جو مستقبل آهن، الله تعاليٰ اسان کي هر قسم جي وسيلن، موسمن ۽ نعمتن سان نوازيو آهي، اسان کي ٻين جي ڪاپي ڪرڻ بدران پنهنجو رستو ا??تيار ڪرڻ گهرجي، سياحت جي شعبي مان اڃا تائين پوري طرح فائدو ناهي کنيو ويو، ان ۾ تما?? گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان سياحت جي فروغ سان تما?? گهڻو پئسو ڪمائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو ا??هار هن نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان آءِ ايس پي آر کي اهو فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اها هڪ نئين شروعات آهي، هتي نوجوانن جي ٺاهيل مختصر وقت جون فلمون ڏسي خوشي ٿي، هاڻي اسان صحيح رستي تي هلي پيا آهيون. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته هو نئين سوچ کڻي آيو آهي. ه?? اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته مختصر وقت جي فلمن جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي وظيفا ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته مون پاڪستان فلم انڊسٽري جو ا??تقاء ڏٺو آهي، اسان غلط رستي تي وڃڻ شروع ٿي ويا هئاسين ۽ پنهنجي سوچ ۽ ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ بدران ڀارت جي نقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. ان جي ابتڙ پاڪستان ٽيليو??زن بهترين ڊراما تيار ڪيا ۽ پنهنجي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي جنهن جي ڪري پي ٽي وي جا ڊراما تما?? گهڻا مقبول ٿيا. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ نقل جي ڪا قيمت نه آهي، اهميت رڳو ا??ل جي ئي هوندي آهي. اها ئي پينٽنگ مهانگي وڪرو ٿيندي آهي جيڪا اصل هجي.
ناڪامي کان ڊڄندڙ ڪڏهن ناهن کٽيندا، نوجوان اسان جو مستقبل آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز