ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سر??لن??ا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري ت??او?? جي فروغ لاءِ اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سر??لنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان آئنده به سر??لن??ا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سر??لن??ا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سر??لن??ا جي وچ ۾ اعتماد?? هم آهنگي ۽ گڏيل ت??او?? جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري ت??او?? جي فروغ جي ذريعي اقتصادي حصيداري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزيراعظم پاڪستان ۽ سر??لن??ا جي وچ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي ت??او?? تي زور ڏنو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سر??لنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سر??لن??ا جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار