اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن، روانگي واپار ۾ 24 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بحالي ۽ آٽو موبائيلز جو وڪرو وڌيو آهي، سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن ۽ سڀ کا?? وڌيڪ محب وطن آهن، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته معاشي صورتحال خراب هئي، اڌ کا?? وڌيڪ ٽيڪسز قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندا هئا، ??لڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو، جيڪڏهن ماضي جي قرضن جو بار نه هجي ها ??ه صورتحال وڌيڪ بهتر هجي ها، گذريل چار مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناه?? ورتو ويو. موسمي حالتن جي ڪري ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي، آئنده ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هوندي، موثر معاشي پاليسين سان 17 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
پاڪستان ۾ سمورا اقتصادي اشارا مثبت آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر