اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پاڪ – افغان فرينڊش?? گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٻه طرفي واپار ۾ تازن مهينن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پارليامينٽ ??ي ميمبرن، وزيراعظم جي خاص مددگار ارباب شهزاد، پاڪستان ۽ افغانستان جي خصوصي ايلچي صادق خان، پرڏيهي وزارت، واپار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، ميري ٽائيم افيئر، ايف بي آر، ڪسٽم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اسپيڪر ت??زن مهينن ۾ پاڪ – افغان واپار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻه طرفي واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر