پشاور – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پي ڪي 9 سوات مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر م??مود خان کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي ل??ءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل جي انچارج افتخار دراني باقاعده تصديق ڪئي آهي. ياد رهي ته محمود خان جي صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالاڪنڊ ڊويزن مان وڏي وزير جي حيثيت ??ان نامزدگي ٿي آهي ان کان اڳ مالاڪنڊ ڊويزن مان ڪنهن به وڏي وزير جو عهدو ناهي سنڀاليو. 46 سالن جي محمود خان جو تعلق ??يبرپختونخواهه جي ضلعي سوات سان آهي کيس ??ڳوڻي حڪومت جي دور ۾ راندين، ثقافت ۽ سياحت جو صوبائي وزير بڻايو ويو، اپريل 2014ع ۾ کانئس وزارت ورتي وئي جڏهن ته جولاءِ 2014ع ۾ کيس ٻيهر وزير بڻائي آبپاشي جو کاتو ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز