اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح ??خ ۾ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي تسلسل سان ان ۾ وڌي?? اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين ??ونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين ??ونٽ جي افتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 108 ميگ??وا?? آهي ۽ 36 ميگ??وا?? جا ٽي يونٽ هنيا ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يونٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری