خيرپور ٽاميوالي – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي سلامتي ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان جي هٿياربند فوج بنا شڪ جي مضبوط صلاحيتون رکندڙ آهي جيڪا ڪنهن به ٻاهرئين ۽ علائقائي سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت ر??ي ٿي. پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي گڏيل فوجي مشق رعدالبرق ڏسڻ ??انپوءِ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قومي سالميت ۽ اقتصادي خوشحالي جي خلاف ملڪ جي دشمنن جا ارادا سامهون اچي ويا آهن تنهن هوندي به هٿياربند فوج جو عزم ۽ استقلال دشمنن جي مڪروهه ارادن جي خلاف مضبوط دفاع آهي.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر