گڏيل قومون _13 جون (اي پي پي ) پاڪستان ويڙهه وارن علائقن ۾ گُم ماڻهن جي سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ ??اء?? عالمي قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آي?? ڄمون ڪشمير ۾ آگسٽ 2019ع ۾ ڀارتي ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ اغوا ٿيل 13 هزار نوجوانن ??ي بازيابي ??اء?? قدمن جي هدايت ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ارريا فارمولا اجلاس ۾ چيو آهي ته گُم ٿيل ماڻهن جي واقعن ۾ ملوث رياستن ۽ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ضروري آهي. ڪائونسل جو ارريا فارمولا اجلاس سوئٽزرلينڊ ۾ گهرايو ويو هو. ان فارميٽ جو نالو گڏيل قومن ۾ وينزويلا جي اڳوڻي سفير ڊياگواريوا جي نالي تي رکيو ويو آهي. اهو هڪ مشاورتي عمل آهي جيڪو سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي غير رسمي ماحول ۾ ماڻهن کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. سوئٽزرلينڊ جي مشن چيو ته هن اهو اجلاس گم ٿيل ماڻهن بابت جاڳرتا ??اء?? قائم رياستن جي گروپ دي گلوبل الائنس فار دي مسنگ سان گڏجي گهرايو آهي جيڪو 13 ميمبر ملڪن جو اتحاد آهي جيڪو گم ٿيل ماڻهن ۽ وڇڙيل خاندانن جي معاملي ۾ جاڳرتا ۽ ان کي منهن ڏيڻ ??اء?? ڪارروائي کي متحرڪ ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان جو خيال آهي ته ويڙهه وارن علائقن ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي سڀني کان موثر جواب عالمي قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ احتساب جو عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان هر ڀيري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ سيڪريٽري جنرل کي قابض ڀارتي فوج جي هٿان اغوا ٿيل 13 هزار ڪشميري نوجوانن جي ٺوس حقيقت کان آگاهه ڪيو جن مان هڪ وڏو انگ گُم ٿي چڪو آهي. پاڪستاني نمائندي ڪشميري عورتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي واقعن سبب عورتون نيم بيواهن جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيون آهن ۽ پنهنجي ورن، پٽن ۽ ڀائرن جي زندگي ??ي باري ۾ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. هن چيو ته انهن عورتن کي اهو ڄاڻڻ ??ي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي ته ڇا انهن جا پيارا زنده آهن يا مري چڪا آهن ۽ انهن جي مناسب طريقي سان تدفين ک??ن محروم رکيو ويندو آهي. پاڪستاني نمائندي اجلاس کي ٻڌايو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ هزارين ماڻهن جي گُم ٿيڻ جي شڪايتن تي اسان کي ڪنهن اداري يا شخصيت طرفان ڪوبه جواب ناهي مليو. هن چيو ته جي??تائين گڏيل قومون، انساني حقن جي ڪائونسل ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا هٿياربند تڪرارن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي معاملن کي حل ڪرڻ ??اء?? تيار ۽ قابل نٿا ٿين تيستائين ان مسئلي کي حل نٿو ڪري سگهجي.
پاڪستان پاران گڏيل قومن کان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ گُم ٿيل 13 هزار نوجوانن جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات