دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عب??س ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني غزه جي پٽي ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سا?? ٿيندڙ معاهدي لاءِ جاري ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن سا?? فلسطين مسئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگهي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهت?? بڻائڻ جي طريقي جو جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد لاءِ قطر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني عوام سا?? ان جي صحيح قومي امنگن جي حصول جي ڪوششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قطر جي عوام غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪناري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سا?? سفارتي ۽ ثا??ثي جي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.
فلسطيني صدر جي قطر جي امير سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج