گڏيل قومون-19 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪولمبيا جي امن عمل جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. شنهوا موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ڪولمبيا ۾ 2016ع جي ??خر?? امن معاهدي جي ”جامع نفاذ کي يقيني بڻائڻ“ جي اهميت کي اجاگر ڪيو خاص طور تي مقامي چونڊن کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي واکاڻ ڪئي. هن امن کي هٿي ڏيڻ ۽ ان جي پس منظر بابت عورتن جي مڪمل، برابر، بامعنيٰ ۽ محفوظ شرڪت ۾ نون چونڊيل ع??ديدا??ن جي اهم ڪردار تي زور ڀ??يو. ٻهراڙي جي سڌا??ن جي شقن تي ڏنل ڌيان جي واکاڻ ڪندي ڪائونسل آبادگارن ۽ نسلي برادرين ۾ زمين جي ورهاست ۽ جامع بحالي پروگرام اختيار ڪرڻ ۾ اڳڀرائي کي تسليم ڪيو. هن اڳوڻن جنگجوئن ۽ سماجي اڳواڻن کي درپيش خطرن ۽ تشدد بابت به ڳڻتي جو اظهار ڪندي عورت اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن لاءِ خدشن جي جامع پروگرام جي ايڪشن پلان تي وڌيڪ عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀ??يو.
گڏيل قومون: سلامتي ڪائونسل پاران ڪولمبيا جي امن عمل جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha