غزه – 24 نومبر (اي پي پي) غزه جي سڀني کان وڏي اسپتال الشفا جي سربراهه ۽ ٻئي طبي عملي کي اسرائيلي فوج حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مط??بق الشفا اسپتال جي هڪ شعبي جي سربراهه خالد اب??سم??ا ٻڌ??يو ته ڊاڪٽر محمد ابو سلميا کي ڪيترن ئي سينيئر ڊاڪٽرز سان گڏ گرفتار ڪيو ويو آهي. حماس جي انتظام هيٺ صحت واري وزارت جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر، هڪ ڊاڪٽر ۽ نرسنگ اسٽاف جي ٻن ماڻهن کي اسرائيلي فوج گرفتار ڪري ورتو آهي. حماس هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر محمد ابو سليما ۽ طبي عملي جي ٻين ماڻهن جي گرفتاري جي مذمت ڪندي ريڊ ڪراس جي بين الاق??ام?? ڪميٽي ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو کين فوري آزادي لاءِ ڪوششون ڪن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار