اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زراعت کي هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم قرار ڏيندي ايس آئي ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو آهي ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي ڪسان ڪنوينشن اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان موقعي تي خاص مهمان هو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اعزازي مهمان هو. تقريب ۾ نگران وفاقي وزيرن، زرعي ماهرن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ايس آئي ايف سي تحت مختلف سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي وزارتن ۽ ادارن جي گڏيل تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته زراعت هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خطاب ڪندي زور ڏنو ته آبادگار اس??ن جي زرعي شعبي جي ڪرنگهي جي هڏي آهن. اهو توهان جي اڻٿڪ محنت، لگن ۽ عزم آهي جيڪو لکين پاڪستانين جي لاءِ غذ??ئي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. پوري قوم ۽ اس??ن توهان تي فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي جي کوٽ اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي پاڪستان جي غذ??ئي تحفظ جي لاءِ چئلينج آهن، ٽيڪنالاجي جي اس??عمال ۽ حڪومت ۽ عوام ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت آهي جيئن ايس آئي ايف سي تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان تمام گهڻي صلاحيتن ۽ وسيلن سان مالامال آهي. اس??ن گڏجي الله جي فضل سان هن مشڪل ??قت مان نڪري وينداسين ۽ هر شعبي ?? پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي سمورن قدمن سان پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. اس??ن متحد ۽ پرعزم قوم طور پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال مستقبل طرف وٺي وينداسين.
زراعت هيٺئين سطح تي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس