راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ جي علائقي ڪري مچن خيل ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر مو??ب 14 ۽ 15 نومبر 2023ع جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي مو??ودگي جي اطلاع تي ٽانڪ ضلعي جي علائقي ڪري مچن خيل ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران فائرنگ جي ??ي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا به تباهه ڪيا ويا. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود ??ه هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد ٽانڪ ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس تي ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻين دهشتگردي جي ??يترين ئي ڪاررواين ۾ سرگرم رهي??، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائ??ي مان دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي، علائقي جي مقامي ماڻهن آپريشن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
سيڪيورٽي فورسز جو ٽانڪ ۾ آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر