اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر ??شر??ي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ ص??رت??ال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غز?? ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر ??شر??ي فلسطينين خاص طور تي غز?? جي ص??رت??ال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر ??شر??ي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر ??شر??ي جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان مولانا طاهر اشرفي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار