گڏيل قومون-01 نومبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوجن طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي روڪڻ جو مطالبوڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏي??هن جنرل اسيمبلي ۾ گڏيل قومن جي 47 رڪني انساني حقن واري ڪائونسل جي طريقيڪار ۾ امتيازي سلوڪ ۽ ٻٽي معيار کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني حقن ??ي جامع ۽ متوازن انداز ۾ هٿي ڏيڻ گهرجي. جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل جي صدر جي سالياني رپورٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستاني سفير چيو ته ڪائونسل کي انساني حقن جي وڏي پئماني تي ٿيل ڀڃڪڙين کي روڪڻ گهرجي جيڪي پرڏيهي قبضي ۽ مداخلت جي حالتن ۾ ٿينديون آهن. هن چ??و ته غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ جيڪي دل ڏاريندڙ قتل عام ٿي رهيو آهي اهو اسان جي ٽيليويزن جي اسڪرينن تي نظر اچي رهيو آهي، هن چ??و ته قابض طاقت اسرائيل کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ا??هن خلاف ورزين جي جوابدهي کان ڇوٽ حاصل آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت ج?? غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي ٿيل انساني حقن جون ڀڃڪڙيون به واضح آهن. هن چ??و ته ٻنهي صورت ۾ قابض طاقتن اسرائيل ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ آزادي جي جائز جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن اسرائيل فلسطين تڪرار جو حوالو ڏيندي چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ پرڏيهي قبضي کي برقرار رکڻ خاطر اجاگر ڪري ٿي، هن دنيا جي ڪجهه حصن ۾ نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ انتهائي ۽ پرتشدد قوم پرستي ۽ فاشزم جي عروج جو مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششن تي پڻ زور ڀريو. هن چ??و ته اسلامو فوبيا مسلمانن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ حملا، حجاب تي پابندي، قرآن پاڪ جي بي حرمتي، گستاخي واري خاڪن ۽ اسلامي نشانين ۽ مقدس ماڳن جي ٽوڙ ڦوڙ نئين مظاهر جو هڪ وڏو عنصر آهي. اظ??ار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙين ڪاررواين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چ??و ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا وبا وانگر پکڙجي رهيو آهي ج??هن سان مسلمانن جي نسل ڪشي جو خطرو آهي. هن چ??و ته ڪائونسل کي ان نسل ڪشي جي خطري کي سڌو سنئون م??هن ڏيڻ گهرجي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل فلسطين ۽ ڪشمير ۾ قابض پرڏيهي فوج طرفان سنگين ڀڃڪڙين کي روڪي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔