اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪمانڊر (ر) ع??بد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه ع??بد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ بحريه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه ع??بد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل مح??د امجد خان نيازي سان ??ڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه ع??بد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج