اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??و آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي چ??و ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چ??ري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چ??ري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ??انفرنس بجلي چ??ري بابت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن بابت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.
نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان