اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائي??ان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائي??ان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن ??ار?? بيان موجب باڪو پهچڻ تي آذربائي??ان جي اول نائب وزيراعظم ي??قو?? ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائي??ان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائي??ان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائي??ان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آذربائي??ان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آذربائي??ان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائي??ان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49
وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي باڪو آذربائيجان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج