اسلام آباد – 30 – مارچ (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يون??ور??ٽي جي رٽائرڊ پروفيسر ج?? پينشن بابت وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عالمي اسلامي يون??ور??ٽي ۾ 14 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پروفيسر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صدر قرار ڏنو ته پ??نشن ڪو انعام نه آهي پر ڊگهي ۽ مسلسل خدمتن تي حاصل ڪئي وڃي ٿي. ايوان صدرجي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻي ۾ يون??ور??ٽي جي پروفيسر جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ازالي جو ي??ين ڏياريو. صدر چيو ته قانون کان هٽي ڪر?? پينشن جي حق کان محرومي يا دير جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. پينشن محنت سان ڪمايو ويندڙ حق آهي جيڪو ملازم کي حاصل هوندو آهي. صدر فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2013ع جي فيصلي جو پڻ حوالو ڏنو. فيصلي ۾ سرڪاري ادارن ۽ آفيسرن ج?? پينشنري/ رٽائرمينٽ فائدن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ غيرضروري دير پيدا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته ڪا به خلاف ورزي ڏوهاري غفلت ۽ فرضن کان غفلت جي برابر هوندي. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته پ??نشن معاملن ۾ دير عدالتي نوٽيس ۾ اچڻ تي لاڳاپيل کاتي جي سربراهه کي توهين عدالت جو ذميوار قرار ڏنو ويندو. صدر چيو ته يون??ور??ٽ?? وٽ پٺتي هٽڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي جواز نه آهي، انٽرنيشنل اسلامڪ يون??ور??ٽي اسلام آباد محتسب جي فيصلي جي تعميل ڪري. پروفيسر ڊاڪٽر علي اصغر چشتي عالمي اسلامي يون??ور??ٽي ۾ 14 سال بطور فيڪلٽي ميمبر خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، پروفيسر چشتي قانون ۽ قاعدي موجب علامه اقبال اوپن يون??ور??ٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. 2020ع ۾ علامه اقبال يون??ور??ٽي مان رٽائرمينٽ تي يون??ور??ٽي ک?? پينشن شيئر جي منتقلي جي درخواست ڪئي. يون??ور??ٽي پاران پروفيسر جي حق ۾ خط جاري ٿيڻ جي باوجود پينشن منتقل نه ڪئي وئي. انصاف جي لاءِ پروفيسر وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن پروفيسر جي حق ۾ فيصلو ڏنو. يون??ور??ٽي حڪمن جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ پينشن ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار، صدر پاران جو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي رٽائرڊ پروفيسر کي پينشن جو حصو ادا ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا