اسلام آباد – 28 – فيبر??ري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن ويلز“ جو منصوبو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن ويلز منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان م??قعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان م??صوبي تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن ويلز منصوبو اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن ويلز منصوبي کي ساراهيندي چيو ته ان م??صوبي سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان م??صوبي جو دائرو چئني صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان م??صوبي جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پ??ش ڪري ٿو. وزيراعظم ان م??قعي تي خصوصي طور تي ڊيزائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبريري جي منصوبي کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبريري جي سهولت ملندي. وزيراعظم ان م??قعي تي ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.
ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری