اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين س??ن يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان س??ن ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراع??م مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن س??ن گڏوگڏ زلزلي متاثرين س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ تر??يء?? ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان س??ن ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ??ين??ن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ تر??يء?? جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبروري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.
وزيراعظم زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو: وزيراعظم آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز