اسلام ??باد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته صحبتپور جي دوري کانپوءِ رستي ۽ هيليڪاپٽر وسيلي پيئڻ جو پاڻي پهچايو پيو وڃي، ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ 20 اضافي پمپ پڻ پهچايا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي گذريل ڏينهن صحبت پور بلوچستان جي دوري کانپوءِ 15 ٽن صاف پاڻي ۽ 1.5 لک مهارين جي فراهمي فوري بنيادن تي يقيني بڻائي پئي وڃي. گذريل ڏينهن ٻن هيليڪاپٽرن ۽ ٽرڪن ذ??يعي پاڻي پهچايو ويو ۽ اڄ خميس ڏينهن وڌيڪ پاڻي پهچايو ويندو جڏهن ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ 20 پمپ پڻ صحبت پور پهچايا ويندا.
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل