لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ??نسٽيٽيوٽ لاهور ??و دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ??نسٽيٽيوٽ جي مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي گذريل دوري دوران جاري ڪيل هدايتن جي روشني ۾ پي ڪي ايل آئي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو قيام، 50 سيڪڙو مستحق مريضن جو مفت علاج، مفت علاج سڀني جي لاءِ ۽ پي ڪي ايل آئي ٽرسٽ جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي شعبن کي مرحليوار فعا?? ڪيو وڃي، گذريل ٽن س??لن ۾ جيڪي منصوبا تعطل جو شڪار رهيا انهن کي هنگامي بنيادن تي مڪم?? ڪيو وڃي. وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي کي فنڊز جي فراهمي 10 جولاءِ تائين يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم ايندڙ مهيني تائين مڪم?? ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ قابل ۽ اهل پرائيويٽ ميمبرن کي شام?? ڪيو وڃي ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. وزيراعظم نئين چونڊيل پي ڪي ايل آئي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر کي مبارڪباد ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آئي جي مالي معاملن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت رکندڙ مشاورتي اداري جون خدمتون حاص?? ڪيون وڃن. مريضن جي اسڪريننگ سينٽرز کي پوري پنجاب ۾ فعا?? ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي طبي سهولتون انهن جي درن تي فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي پي ڪي ايل آئي جي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته مصر وانگر پاڪستان به جلد هيپاٽائيٽس سي جهڙي موذي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري سيڪريٽري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پي ڪي ايل آئي جي لاءِ مخصوص فنڊز 10 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جو دورو
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز