ڪراچي – 22 جنوري (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف ??لوي چيو آهي ته ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ??رقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ (ٽي وي اي ٽي) شعبي جي مختلف ڌرين سان ملاقات دوران ڪيو. ثمينه عارف ??لوي چيو ته پيشيواراڻي تربيت جي شعبي ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کي اسان کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو ڌيان طلب ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل مهارتن تي ڏيڻ گهرجي. هن تربيتي ??دارن ۽ صنعتن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي ز??ر ڏيندي چيو ته ا??ڊس??ري ۽ تربيتي ??دارن کي روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪندڙ هنر جي تربيت جي لاءِ مضبوط رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي پنهنجو روزگار ۽ ڪاروبار شروع ڪرائڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خاتون اول کي تنظيم جي ڪم ۽ سڄي صوبي ۾ هنرمنداڻي تربيت ڏيڻ ۾ ان جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. خاتون اول شرڪت ڪندڙن تي ??صوصي ماڻهن جي لاءِ خصوصي تربيتي پروگرام جوڙڻ ۽ انهن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ز??ر ڏنو. هن ڌرين تي ز??ر ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارتن جي اهميت جي حوالي سان عوام ۾ بيداري پيدا ڪن. اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشن اٿارٽي (سٽيوٽا) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ، اٿارٽي جي ٻين عملدارن، نجي ۽ پيشيواراڻي ادارن جي سربراهن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ملڪ جي سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ هنر تي ٻڌل پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي لازمي آهي: خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil