اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آه??، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آه??، بار ايسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ايندڙ دور ڊيجيٽل آه??، ليگل سسٽم جي مضبوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ج?? نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي مفاد بار ايسوسيئيشنز سميت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه?? ۽ پرعزم آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آه??ون، آئين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آه??. هن بار ايسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آه??ون، وڪيلن جي مسئلن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آه??. اطلاعا?? واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ج?? نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ج?? نئين چونڊيل صدر چوڌري محمد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀٽي، سيڪريٽري وسيم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صفدر حسين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عزيز احمد خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار حيدر شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.
وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق