اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معدنيات جو شع??و مجموعي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي، معدنيات جي شع??ي جي ترقي لاءِ ليگل فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ معدنيات جي شع??ي جي ترقي جي حوالي سان فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته معدنيات جو شع??و ڀرپور صلاحيت رکندڙ آهي ۽ شع??ي ۾ سيڙپڪاري تي پرڪشش مناف??و ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته معدنيات جو شع??و ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ معدنيات جي شع??ي جي ترقي جي حوالي سان قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان هداي ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطن کي موثر بڻائڻ جيل اءِ جلد کان جلد فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي ته جيئن معدنيات جي شع??ي جي ترقي جي فريم ورڪ تي عملدرآمد جي موثر نگراني ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته معدنيات جي ترقي جي حوالي سان اهل ۽ تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان عالمي تجربن مان فائدو کنيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته معدنيات جي شع??ي جي ترقي جي فريم ورڪ جي هدفن ۽ مقصدن جو تعين ڪري انهن کي مقرر وقت ?? مڪمل ڪيو وڃي. بئي طرف پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي معدنيات جي ترقي جي حوالي سان تزويراتي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ شع??ي جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر تزويراتي منصوبي تي موثر عملدرآمد جي ذريعي ايندڙ 15 سالن دوران جي ڊي پي ۾ معدنيات جي شع??ي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. منصوبي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ، ??ني سهولتن جي فراهمي، ڊيٽا بيس جي ترقي، مالياتي فائدن، انساني وسيلن جي تربيت ۽ قانوني عمل تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. منصوبي ۾ گهٽ مدي، وچ مدي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، محمد حماد اظهر، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
معدنيات جو شعبو مجموعي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون