اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪندو جتي هو آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، وزيراعظم گ??مل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ خيبرپختونخوا جي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، پهرين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ ملڪ جي سڀني اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪيا وي??دا، پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو وي??دو ۽ انهن کي سبسڊي (مشنيري ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي وي??دي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج جي/ وياج جي گه?? شرح تي قرض فراهم ڪيا وي??دا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي وي??دي، ان کانسواءِ انهن کي قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي وي??دي. ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني وي??دي، ان کانسواءِ وزيراعظم گ??مل ايگري يو??يورسٽي جي عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گ??مل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو.
وزيراعظم ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ