اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جنرل ??ڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ??در چيو ته پا??ستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پا??ستان پنهنجي ”لڪُ افريقا“ پاليس?? تحت ڏکڻ آفريقا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. ??در ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پا??ستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ??در ڀا??تي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀا??تي سيڪيورٽي فورسز پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ غير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، عالمي برادري ڀا??تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز چيو ته پا??ستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ??در ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آفريقا جي چيف آف نيشنل ڊفينس فورسز جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان ڏکڻ آفريقا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث