اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڻي جي کوٽ ۽ وڏن شهرن ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي لاءِ جدي?? ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي اي او راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين، وائيس چيئرمين ايل ڊي اي ايس ايم عمر??ن ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا، اجلاس ۾ ٻنهي اهم منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌاي?? ويو ته سيفائر بي ۾ ترقياتي ڪم ايندڙ هفتي ڪنٽريڪٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ جلد شروع ڪي?? ويندو، انڊسٽريل زون جي حوالي سان منظو??ي جو عمل به جون ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم شروع ڪي?? ويندو. راوي سٽي ۾ اقرا يونيورسٽي، يو ايم ٽي ۽ آءِ ايس سي پنهنجا ڪيمپسز قائم ڪنديون. اقرا يونيورسٽي پنهنجي ڪيمپس سان گڏوگڏ اسپتال جي تعمير ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اجلاس کي راوي سٽي ۾ واسا جي ٽن واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي منتقلي ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ جي لاءِ جدي?? ٽيڪنالاجي جي استعما تي به بريفنگ ڏنيو ئي، شرڪت ڪندرن جڊيشل واٽر ڪميشن پاران انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي راوي سٽي منصوبي لاءِ منظو??ي جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايتن جي باري ۾ به آگاهه ڪي?? ويو.
پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil