دوشنبي_30 مارچ (اي پي پي)پرڏ??هي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئل?? جو ڪو مستقل حل نه آهي،گذريل ڏينهن دوشنبي ۾ نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسس اجلا س ??ي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امن ??ي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کان سڄي دنيا آگاه آهي،اسان مستقبل تي نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان مسئل?? جو حل نه آهي،هن چيو ته پاڪستان هميشه کان اهو چوندو رهيو آهي ته افغانستان مسئل?? جو فو??ي حل نه آ??ي ۽ هاڻي اها ڳالهه سڀني کي ذهن نشين ٿي چڪي آهي جيڪا اسان جي وڏي ڪاميابي آهي،پرڏ??هي وزير چيو ته مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ته ائين ڪرڻ آسان هوندو پر اسان سڀني کي اڳيان وڌڻوپوندو.شاه محمود قريشي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي ترڪ پرڏ??هي وزير سان ملاقات سٺي رهي. استنبول ڪانفرنس ??ي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته اڄ منهنجي افغان صدر ۽ افغان پرڏ??هي وزير سان ملاقات طئي آهي. اي پي پي/ ع – ا 12:50
جامع ڳالهين کانسواءِ افغانستان جي مسئلي جو مستقل حل نه آهي: شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام