اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذه??ي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علامه محمد اص??ر شامل هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقا??ن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب