لاهور – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گ??يل قومن کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ گهر??ي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان گ??يل قومن کي ياد ڏياريل ”نامڪمل ايجنڊا“ جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گ??يل قومون پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ نئين سري سان ڪوششن جو آغاز ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪابينا ڀارتي ظلمن خلاف 19 جولاءِ تي ڪارو ڏينه?? ملهائڻ جو اعلان ڪندي سي ايس ايس جي لاءِ عمر جي مٿين حد 28 سال مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کانپوءِ جاري پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم محمد نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گ??يل قومن کي ڪشمير جي باري ۾ پنهنجي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.
وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش