واشنگٽن -07 مارچ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پر امن ، تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهيون ٿا . انڊپينڊٽ اردو مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿوملر گذريل ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۾ پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪ?? پاڪستان ۽ ڀارت سان پنه??جي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن ٻنهن ملڪن وچ ۾ پرامن ، تعميري لاڳاپا ڏسڻ چاهي ٿو . هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان شهباز شريف کي مبارڪون ڏيڻ جي آجيان به ڪئي، ڪشمير سميت ٻين مسئلن تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ ڳالهين ج?? آجيان ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي ترجمان چيو ته يقينن اسان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ نتيجي جوڳين ۽ پرامن ڳالهين ج?? آجيان ڪنداسين پر ڳالهين ج?? رفتار جي اڳڀرائي پاڪستان ۽ ڀارت کي پاڻ ڪرڻي پوندي .
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará