ڪهوٽا – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مان بجلي ۽ گئس جي کوٽ ختم ڪئي وئي آهي، جيڪي منصوبا سالن کان م??مل نه ٿيا هئا انهن کي مڪمل ڪيو، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ جي خودمختياري جو سودو ڪرڻ کانسواءِ معيشت کي مضبوط ڪيو، مسلم ليگ (ن) جا ڪم ڪنهن کان به لڪل نه آهن، ملڪ جي ڏوران??ن علائقن ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿي رهيا آهن، 2018ع جي عام چونڊن ۾ به عوام نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) کي س??خرو ڪندي، راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي مانسهره کان ميرپور تائين موٽروي جي منصوبي س??ن ڳنڍيو ويندو، ان سان پورو علائقو ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو. راولپنڊي ڪهوٽا رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ واري منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۽ عوامي ج??سي کي خطاب ڪندي هن ڪهوٽا جي عوام جا ٿورا مڃيا جنهن ج??سي جو اهتمام ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی