اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ريف چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن خطي کي امن ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، اسان اجتماعي طور تي اڌ ارب کان وڌيڪ آبادي رکندڙ پنهنجي خطي ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، هو اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪ??يٽ??ي جنرل حليل ابراهيم ڪڪا سان گڏ اي سي او سربراهه اجلاس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خط??ب ڪري رهيا هئا، وزيراعظم محمد نواز ??ريف چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن پرامن خطي جي لاءِ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف اجتماعي ڪوششن جو به عزم ڪيو آهي، محمد نواز ??ريف چيو ته هي خطو سدائين ثقافتن ۽ تصورن جي مٽاسٽا جي لاءِ گذرگاهه رهيو آهي، هن چيو ته سربراهه اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن اي سي او جي گورننگ باڊيز کي هدايت ڪئي ته هو سربراهه اجلاس جي موضوع ”خطي جي خوشحالي جي لاءِ رابطا“ کي نظر ۾ رکندي گهڻ رخي رابطن کي فروغ ڏين.
تنظيم جي ميمبر ملڪن امن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت