مظفرآباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلي تي عالمي د??يا سا?? پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪري، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم ذريعي ئي ان پراڻي مسئلي جو حل ممڪن آهي. ڪشمير ڪائونسل ۽ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي رت سا?? روشن آزادي جو سج ا??رڻ ۾ هاڻي وڌيڪ دير نه آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ پنهنجي نوجوان شهيد ۽ ذهين قائد برهان مظفر واني شهيد جي رت جي برڪت سا?? هڪ ن??ين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پرڏيهي جبر جي خلاف عظيم مثالي تاريخي جدوجهد ڪندڙ بهادر ڪشميري عوام جي سرزمين تي اچڻ ۽ انهن جي چونڊيل نمائندن کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي ڇو ته اڄ انهن ماڻهن سا?? مخاطب آهيان جيڪي غير ملڪي قبضي جي خلاف جدوجهد ڪندي هڪ اهڙي تاريخ لکي رهيا آهن، دنيا جنهن جو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آهي. صدر چيو ته ڪشمير جي ٻارن قابض فوج جي سختين جو مقابلو پنهنجي ننڍڙن هٿن ۾ غليل کڻي ڪيو.
گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت واعدا پورا ڪن: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena