واشنگٽن -11 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ??سرائيل کي 500 پائونڊ وزني بمن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ موجب آمريڪا مئي ۾ اسرائيل لاءِ 2،000 پائونڊ ۽ 500 پائونڊ جي بمن جي فراهمي کي روڪي ڇڏيو هئي. آمر??ڪي حڪومت پاران اسرائيل کي ٻه هزار پائونڊ وزني بمن کي رفح ۾ استعمال سبب وڏي پيماني تي جاني نقصان جي خدشن سبب انهن جي فراهمي عارضي طور بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ 500 پائونڊ وزني بمن جي استعمال بابت آمر??ڪي اختيارين کي اهڙا خدشا نه هيا ان کيپ ۾ هجڻ سبب اسرائيل کي فراهم نه ڪيا ويا. آمر??ڪي انتظاميا کي خاص ڳڻتي رفح ۾ ايترن وڏن بمن جي امڪاني استعمال تي هئي جتي ڏهه لکن کان به وڌيڪ فلسطينين پناهه ورتي هئي. هڪ آمر??ڪي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان واضح ڪري چڪا ??هيون ته اسان جي ڳڻتي 2000 پائونڊ وزني بمن جي رفع ۾ استعمال بابت هئي اسرائيل رفع ۾ فوجي ڪارروائي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اسان جي ڳڻتي ختم ٿي وئي آهي. هڪ 2000 پائونڊ وزني بم سخت پڪي تهه ۽ ڌاتن کي ٽوڙي سگهي ٿو، جنهن جي ڦاٽڻ سان وڏو ڌماڪو ٿيندو آهي. گذريل مهيني اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ تي آمر??ڪي صدر جوبائيڊن جي انتظاميا کي تنقيد جو نشانو بڻاي?? هو ان کان پوءِ اسرائيلي وزير دفاع يوا يوگيلانٽ آمريڪا ??و دورو ڪيو هيو ۽ ان موقعي تي اعلان ڪي?? هو ته آمريڪا پاران اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي جلد بحال ڪئي ويندي. رائٽرز گذريل مهيني رپورٽ ڪي?? هو ته آمريڪا پاران اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي جلد بحال ٿي ويندي. رائٽرز گذريل مهيني رپورٽ ڪيو هيو ته غزه جنگ جي شروعات سان جون جي آخر تائين آمريڪا ??سرائيل کي ٻه هزار پائونڊ وزني 14000 ايم ڪي 84 بم، 500 وزني 6500 بم، 3000 هيلي فائر ميزائل ج??ڪي فضا مان زمين تي هدف کي نشانو بنائڻ وارا گائيڊڊ ميزائل آهن. 1000 بنڪر بسٽر بم، 2600 ننڍن وزن جا بم ۽ ٻيا هٿيار ۽ بارود فراهم ڪيا آهن.
آمريڪا پاران اسرائيل کي 500 پائونڊ وزني بمن جي فراهمي ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو